روح الله بکري

روح الله بکري: الله بکري'>روح الله بکري، بکر جو رهاڪو ۽ منقول ۽ معقول علمن جو ماهر هو. سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مٿس وڏو اعتقاد هو ۽ سدائين دعائون گھرندو رهندو هو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ لکيو آهي ته: ”1166هه ۾ منهنجي ملاقات مخدوم روح الله بکريءَ سان محمد آباد ۾ ٿي، جتي پاڻ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي دعا ڪرڻ لاءِ آيو هو. مون کي هو ڪمالات جو مالڪ نظر آيو. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن شعر ۽ شاعريءَ ڏانهن به ڌيان ڏيندو هو. مخدوم صاحب فرمايو ته ڪنهن شاعر نادر شاهه جي تخت نشينيءَ جي تاريخ ’الخير فيما وقع‘ (نادر شاهه جي تخت نشيني ڀلائيءَ واري آهي) فقري مان 1148هه ڪڍي هئي، پر مون چيو ته ’لاخير فيما وقع‘ (ان ۾ ڪا ڀلائي ڪونهي) هن فقري يا جملي مان به 1148هه تاريخ نڪري ٿي.“
صوفي شاهه عنايت شهيد (شهادت 1130هه) جو لکيل هڪ خط به مليو آهي، جيڪو هن مخدوم روح الله کي لکيو هو، جنهن مان به سندس علميت ۽ اهميت جو اندازو ٿئي ٿو. مخدوم صاحب ٻارهين صدي هجريءَ جي پوئين اڌ ۾ وفات ڪئي، کيس اولاد نه ٿيو. البت ٽي ڀائر هئس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو